18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: حيات پتافي: بااثر ٺيڪيدار جي نااهلي سبب اسڪيم رولڙي جو شڪار،  ڳوٺاڻن جو احتجاج

Hayat Pitafi: Protest by villagers against unable feudal for destroying scheme*حيات پتافي  ويجهو بااثر ٺيڪيدار جي نااهلي سبب اسڪيم رولڙي جو شڪار ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ مبارڪ چنڙ ۾ ٺيڪدار ڳوٺ لاءِ آيل 50لک جي اسڪيم جي رقم خردبردڪرڻ جي چڪر  ۾   ڪم کي رولڙي جو شڪار ڪري ڇڏيوآهي .

ڳوٺاڻن سيف الله چنڙ، نعيم الله ، محمدعلي ۽ عرض محمد چنڙجي اڳواڻي ۾ احتجاج  ڪيو ويو .

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ٺيڪدار  ڪامورن  سان ملي ڀڳت ڪري رقم هڙپ ڪرڻ جي چڪر م رڌل آهي.

  هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٺيڪيدار ناڪارا  سرون  لهرائي فرار ٿي ويو آهي  هنن  ڪامورن اڳيان شڪايتون به ڪيون پر ڪو به کڙتيل نه نڪتو .

 هنن ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري ڪم بهتر طريقي سان ڪرايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن  جي ڪلارڪ   خلاف  بيروزگار نوجوان  جو  احتجاج

ڪشمور  ۾ سکر بيگاري بند ڊويزن ايريگيشن عملدارن  خلاف  بيروزگار  احتجاج ڪيو . نوجوان عنايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے