20 منگل , نومبر 2018

طاقت جو سرچشمو عوام ئي هئڻ گهرجي

پاڪستان جي مجموعي سياسي جمهوري ۽ پارلياماني تاريخ عجيب ڪيفيتن مان گذرندي رهي آهي، جمهوريت جي  ٻي معنيٰ آهي جمهور يعني عوام جي حڪمراني پر هتي جيئن ته طاقت جو مرڪز پارليامينٽ نه پر ان کان به ڪي ٻيون طاقتور ڌريون رهيون آهن، تنهن ڪري عوام کي  طاقت جو سرچشمو سمجهڻ ۽ بڻائڻ واري سوچ پاڙون پختيون ڪري نه سگهي آهي.

پاڪستان اڄ جنهن قسم جي سياسي حالتن مان گذري رهيو آهي تن حالتن مان 70ع  واري ڏهاڪي مان گذريو هو ۽ 90ع جي ڏهاڪي مان به گذريو آهي، 70 واري ڏهاڪي مان جڏهن دنيا تبديلي جي مرحلي مان گذري رهي هئي ۽ سوشلسٽ ۽ سرمائيداري بلاڪ هڪ ٻئي جي منهان منهن آيل هئا هر هنڌ سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي آدرشي ۽ اصولن جي بنياد تي اوسر به ٿي رهي هئي اهو دور جيئن ته حقيقت جي اک سان دنيا کي، دنيا جي سياست کي ۽ دنيا ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي پرکڻ جو دور هو تنهن ڪري ڪراچي جهڙو ڪو ميٽروپوليٽن شهر هجي يا سنڌ جي ڪچي جو، يا سامونڊي پٽي جو ڪو پٺ تي پيل علائقو اتان جو سياسي ڪارڪن دنيا جي سياست تي بحث ڪندو هو ۽ دنيا ڪيڏانهن پئي وڃي تنهن تي پنهنجا دليل ڏيندو هو. ان دور ۾ ئي ايوب سرڪار سان اختلاف ڪندي طاقت جو سرچشو عوام آهي، ۽ اٽي لٽي ۽ اجهي جو نعرو کڻي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي سياست جي ميدان ۾ پير پاتو هو ته ان کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوامي مقبوليت ۽ پذيرائي به اوتري ئي ملي. هن جيئن ته سوشلزم جي ڳالهه ڪئي هئي، غريب عوام کي بااختيار بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اقتدار وڏيرن جاگيردارن ۽ اثررسوخ وارن کان کسي هاري، مزدور کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي تڏهن هن جي پارٽي عوام ۾ پاڙون پختيون ڪري سگهي هئي. نه رڳو ايترو پر هن عوامي راڄ لاءِ آمريت سان وڙهندي جهڪڻ بدران زندگي قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني، سوليءَ چڙهيو تنهن جي ڪري اڄ تاريخ ۾ امر آهي پر جيڪي جهڪندا آهن، طاقتور ڌرين سان معاهدا ڪري هليا ويندا آهن تاريخ ۾ انهن کي ڪڏهن به سٺن لفظن ۾ ياد ناهي ڪيو ويندو.

گهڻو پري ڇو وڃجي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ کان پوءِ سندس ڌيءُ محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، عوام جي حقن لاءِ وڙهي ۽ استحصالي قوتن خلاف وڙهندي وڙهندي آخرڪار انهن قوتن جي ئي تاتي پالي وڌائي وڻ ڪيل انتهاپسندي سوچ جي هٿان شهيد ڪئي وئي، تنهن ڪري اڄ تاريخ ۾ سٺن لفظن ۾ ياد ڪئي وڃي ٿي پر 99ع ۾ جڏهن جنرل مشرف، ميان نواز شريف جي چونڊيل حڪومت کي راتاهو هنيو ۽ آمريت قائم ڪئي تڏهن سياسي مبصر اڄ تائين به چون ٿا ته نواز شريف لاءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو ڀٽو ٿيڻ جو سونهري موقعو هٿ آيو جيڪو هن وڃائي ڇڏيو. ان وقت جيڪڏهن هو ڏهه سالن جي لکت ڏئي سعوديءَ خاندان سميت نه هليو وڃي ها ته ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان اڄ جن حالتن مان گذري رهيو آهي، پاڪستان جي سياست ۽ پاڪستان جون سياسي ڌريون اڄ جنهن به دٻاءَ جو شڪار آهن شايد ان ۾ نه هجن ها.

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي ڌيءُ کي ۽ پنهنجي ڄاٽي کي ۽ پٽن کي احتساب عدالت کان آيل سزا کان پوءِ سمجهو اهو ٿي ويو ته شايد ميان نواز شريف هن ڀيري به ڊهه پچائي نه سگهي ۽ ڏيهه ورڻ تي سوچڻ بدران زال جي بيماريءَ جو بهانو ڪري لنڊن ۾ ويهي رهي پر سندس نياڻي مريم نواز طرفان جمعي ڏينهن والد سميت ڏيهه واپس ورڻ جي اعلان سان پاڪستان جي سياسي تاريخ هڪ نئين مرحلي مان گذري سگهي ٿي. پاڪستان ۾ ننڍن صوبن سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻن کي هميشه شڪايت رهي آهي ته پنجاب خاص ڪري وچولي پنجاب جي طاقتور اشرافيا ۽ مقتدر حلقا هميشه ننڍن صوبن کان ڌڪ ڪڍندا ۽ کين نشانو بڻائيندا رهيا آهن پر هاڻي جڏهن سينٽرل پنجاب جو مقبول سياسي اڳواڻ اسٽيٽسڪو جي خلاف ويڙهه لاءِ ووٽ کي عزت جو نعرو هڻي ميدان ۾ لهڻ وارو آهي ته سمورين جمهوري قوتن کي ووٽ جي عزت لاءِ گڏيل پليٽ فارم تي ڪٺو ٿيڻ گهرجي.

ڪرپشن جو خاتمو هر ڪو چاهي ٿو، ڪرپشن ڪير به ڪري ان جو حساب ڪتاب ٿيڻ کپي پر ان حساب ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪرپشن خلاف ڪارروائيءَ کان وڌيڪ ذاتي عناد يا ڪنهن کي ڪنڊ سان لائي ڪنهن لاءِ ميدان سازگار ڪندي نظر ايندو هجي ته اهڙي صورت ۾ ڪرپشن خلاف حقيقي ڪارروائي به شڪ جي نذر ٿي سگهي ٿي. پاڪستان ۾ ان وقت تائين حالتون درست رخ ڏانهن نه ٿيون وڌي سگهن جيستائين عوام کي واقعي به طاقت جو سرچشمو سمجهيو وڃي ۽ فيصلي سازيءَ ۾ شريڪ هجي.

سومر 9 جولاءِ 2018ع، 24 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جيئڻ جي جاٰءِ آهي

سڀاڻي سموري دنيا ۾ سهپ / بردباريءَ ۽ رواداريءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. نهايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے