17 ہفتہ , نومبر 2018

برطانوي وزيراعظم ٿريسامي سان اختلافن تي  بريگزيٽ جي سيڪريٽري استعفيٰ ڏئي ڇڏي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) بريگزٽ جي سيڪريٽري ڊيوڊ ڊيوس برطانوي وزيراعظم ٿريسامي سان اختلافن بعد پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب برطانيا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ بريگزيٽ ۽ پاليامياني ميمبر ڊيوڊ ڊيوس يورپي يونين سان  خارج واري معاملي تي وزيراعظم ٿريسامي سان اختلافن سبب پنهنجي عهدي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن بعد بريگزيٽ ڊپيارٽمنٽ جي ٻن جونيئر وزيرن اسٽيو بيڪر ۽ سويلا بريورمين پڻ استعفيٰ پيش ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي استعفيٰ ۾ ڊيوڊ ڊيوس وزيراعظم ٿريسامي جي پاليسن تي سخت تنقيد ڪئي، جنهن تي ڪابينا پڻ راضپي جو اظهار ڪيو پر برطانوي وزيراعظم اختلاف ڪندي بريگزيٽ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڊيوڊ ڊيوس جا ٿورا مڃيا.يورپي يونين جي معاملي تي برطانوي وزيراعظم مٿان مخالفن کانسواءِ پنهنجن حمايتن طرفان پڻ تنقيد ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته 1997 کان لاڳيتو پارليامنٽ ميمبر چونڊجندڙ ڊيوڊ ڊيوس کي 2016 ۾ بريگزيٽ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو جنهن جو عهدو وزير جي برابر هوندو آهي. برطانيا کي  يورپي يونين کان ڌار ٿين واري عمل کي 29 مارچ 2019 تائين مڪمل ڪرڻو آهي پر يورپي يونين ۽ برطانيا جي واپاري سرگرمين جي حوالي سان لائحه عمل تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے