15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ٺٽو: نوجوانن جو علي حسن زرداري کي ٽڪيٽ ڏيڻ خلاف احتجاج

Thatta: Protest youth to tackle Ali Hassan Zardari*-ٺٽي ۾ نوجوانن پاران علي حسن زرداري کي ٽڪيٽ ڏيڻ خلاف سرن تي ڪفن ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو لطيف، اياز شاهه ۽ عمران ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ نوجوانن سرن تي ڪفن ٻڌي علي حسن زرداري خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوانن چيو ته ماضي ۾ به گھوڙاٻاري جي تڪ پي ايس 78 تان ڪامياب ٿيل پ پ اميدوار اويس مظفر ٽپي 5 سالن تائين گم رهيو، سندن هڪ به مسئلو حل نه ڪيو ويو.

هنن چيو ته  تڪ جو عوام چونڊيل نمائندي جي اچڻ جو انتظار ڪندو رهيو پر اهي ووٽ وٺڻ بعد گم ٿيو وڃن ۽ عوام ساڳيو ئي تڪليفن ۾ زندگي گذاري ٿو.

سندن چوڻ هو ته هن ڀيري وري نوابشاھ سان واسطو رکندڙ کير جي واپاري کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تي پڻ زمينن تي قبضن، ڪرپشن سميت ٻيا ڪيس داخل آهن ۽ اهو  نيب کي گھربل پڻ آهي.

 نوجوانن چيو ته اهو ماڻهو جنهن تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن، اهو تڪ جي عوام جا مسئلا حل ڪيئن ڪري سگهندو.

هنن مطالبو ڪيو ته علي حسن زرداري کان ٽڪيٽ واپس ورتي وڃي……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے