18 اتوار , نومبر 2018

ڊيمن جي تعمير: هٿياربند فوجن طرفان ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽنهي هٿياربند فوجن ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير لاءِ ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير جو حڪم ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان چيف جسٽس هڪ فنڊ به قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ چيف جسٽس عوام کي سهڪار جي اپيل ڪئي آهي ته هن به ڊيمن جي تعمير لاءِ 10 لک رپيا چندو ڏنو آهي. هاڻ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻڌايو آهي ته ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن لاءِ هٿياربند فوجن جا آفيسر ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيندا. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج، بحريا ۽ فضائيا جا آفيسر ٻن ڏينهن جي پگهار ڏيندا، جڏهن ته سپاهي هڪ ڏينهن جي پگهار چندي طور ڏيندا، هٿياربند فوجن اداري جي حيثيت سان اهو قدم کنيو آهي. ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽ جي آخر ۾ هيش ٽيگ سان گڏ ”ڊيم پاڪستان لاءِ“ به لکيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فواد چوڌري کي يوٽرن وزيراعظم بابت بيان ڏيندي لَڄ به نٿي ٿئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد چوڌري کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے