21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: نوابشاهه ۾  معذور عورتن ۽ کدڙن فقيرن جي چونڊ مهم ۾ شرڪت لاءِ سيمينار

Seminars for women and women who are disabled in Nawabshah to attend the election campaignنوابشاهه ۾ سماجي تنظيم پاران  معذور عورتن ۽ کدڙن فقيرن جي چونڊ مهم ۾ شرڪت لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو.

سماجي تنظيم ٻانهن ٻيلي ۽ آڪسفيم پاران معذور عورتن ۽ کدڙن فقيرن جي چونڊ مهم ۾ شرڪت لاءِ ڪوٺايل سيمينار ۾ آسٽريليا مان آيل آڪسفيم جي هيڊ ڊاڪٽر هيلن، آسٽريلوي هاءِ ڪميشن جي بشريٰ ضياءَ ۽ ڊائريڪٽر محمد حسن سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي هيڊ ڊاڪٽر هيلن چيو ته هتي جي عورتن ۾ هڪ جذبو ۽ خلوص موجود آهي، معذور عورتون ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.

هنن چيو ته  هو آسٽريليا جي عورتن کي ٻڌائيندو ته هتي نازو ڌاريجو جهڙيون عورتون رول ماڊل آهن، جنهن ثابت ڪيو ته عورت اڳواڻي ڪري سگهي ٿي.

ڊائريڪٽر محمد حسن قزلباش چيو ته جيئن چونڊون ويجهو آيون آهن ۽ سوچڻ گهر جي ته معذور عورتن ۽ ٽئين جنس جي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪيون ته جيئن اهي چونڊ مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

 هن چيو ته هو آسٽريليا جي حڪومت جي سهڪار جا ٿورائتا آهن، ڪوشش هوندي ته هي پروجيڪٽ هلندو رهي.

 سيمينار ۾ نازو ڌاريجو،  پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر ذوالفقار علي خاصخيلي، سينئر صحافي ذوالفقار عزيز ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڇاڇرو: عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي

*ڇاڇري ۾ به سنڌ جي ٻين شهرين جيان جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے