18 اتوار , نومبر 2018

صاف پاڻي ڪرپشن ڪيس: نيب جي قمرالاسلام ۽ وسيم اجمل جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ واري اپيل منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت صاف پاڻي ڪمپني  ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب جي جوابدارن کي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني ريمارنڊ جي اپيل منطور ڪندي قمر الاسلام راجا ۽ وسيم اجمل کي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب صاف پاڻي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي احتسبا عدالت ۾ ٿي. ان موقعي تي جوابدار قمرالاسلام ۽ اڳوڻي سي اي او صاف پاڻي ڪمپني وسيم اجمل کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نيب لاهورجوابدارن جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي جسماني ريمارنڊ  جي اپيل ڪئي. جنهن کي عدالت منظور ڪندي جوابدارن کي 23 جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران احتساب عدالت نيب کي قمر الاسلام جي موبائيل فون به وارثن کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ قمر الاسلام کي چيڪ بڪ جي لاءِ صحيح جي اجازت به ڏئي ڇڏي. احتساب عدالت طرفان اليڪشن جي لاءِ پولنگ ايجنٽن جي لاءِ ڪاغذ صحيح ڪرڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي شيخ محمد بن زيد سان دبئي ۾ ملاقات  

دبئي ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے