17 ہفتہ , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم ۾ رنڊڪن جو نوٽيس وٺي: مولا بخش چانڊيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته پنجاب ۾ بلاول ڀٽو جي چونڊ مهم ۾ رنڊڪون وجهڻ وفاق خلاف سازش آهي، چونڊ مهم هلائڻ سڀني جو آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي. پنهنجي بيان ۾ مولا بخش چانڊيي جو چوڻ هو ته اوچ شريف کانپوءِ انتظاميا ملتان ۾ پ پ چيئرمين کي ڪهڙي قانون تحت روڪي رهي آهي؟ ان عمل سان ڪهڙو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ اليڪشن ڪميشن انتظاميا جي رويي جو نوٽيس وٺي. هن چيو ته جيڪڏهن سڀني پارٽين کي برابر موقعا فراهم نه ڪيا ويا ته چونڊون بي مقصد ٿي وينديون، اهڙين چونڊن سان نه جمهوريت قائم ٿيندي، نه نظام مضبوط ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …