22 جمعرات , نومبر 2018

لاهور: بلاول ڀٽو زرداري اڄ پارٽي جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو ملتان جو دورو مختصر ڪري ڇڏيو، هو جلسي کان فوري بعد لاهور جي لاءِ روانو ٿيندو ۽ کيس سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبرن کي به فوري طور تي لاهور طلب ڪري ورتو.  ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري رات 8 وڳي لاهور جي لاءِ روانو ٿيندو، سندس صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر به خاص طور تي شرڪت ڪندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے