17 ہفتہ , نومبر 2018

سرينگر: ڀارتي فوج جو سرچ آپريشن، هڪ ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج سرچ آپريشن دوران هڪ ٻئي ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج گذريل ڏينهن تحريڪ آزادي جي اڳواڻ برهان واني جي ٻئين ورسي کان اڳ ئي علائقي ۾ ناڪا بنديون شروع ڪري ڇڏيون ۽ ان دوران ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارت فوج جي تازين ڪارروائين هڪ ٻئي  ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪيو ويو. ميڊيا سروس موجب قابض فوج رات دير سان ضلعي ڪپواڙا جي علائقي هندوڙه ۾ سرچ آپريشن ڪيو ۽ ان دوران هڪ نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڀارتي فوج نوجوان جي شهادت کان پوءِ ڇڪتاڻ  کي نظر ۾ رکندي علائقي جو مڪمل محاصرو  به ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے