13 جمعرات , دسمبر 2018

ووٽ وٺڻ سولو پر ان جو حق ادا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ووٽ وٺڻ سولو پر ان جو حق ادا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، ثابت ڪندس ته مان جيڪا ڳالهه ڪندو آهيان، ان تي عمل ڪري ڏيکاريندو آهيان. ٽيڪسلا ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته منهنجي نالي سان وزيراعظم جا نعرا نه هڻو، اڳ ئي وزيراعظم جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي. هن چيو ته مان پنهنجي ضمير اڳيان جوابده آهيان، ڪنهن جي خوشامد ناهيان ڪندو، عمران خان اسڪول جي دور کان وٺي منهنجو دوست آهي، تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته جيتريون به ٽڪيٽون چاهيو ڏئي ڇڏيندس،نواز شريف مون کي چيو ته ٽڪيٽ گهرو، توهان کي ملي ويندي، مان کيس جواب ڏنو ته هڪ ڀيرو اڇلايل ٿُڪ کي ٻيهر ناهيان چَٽيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے