17 ہفتہ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ اسلام آباد گن اينڊ ڪنٽري ڪلب کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد گن اينڊ ڪنٽري ڪلب جي ايراضي کي غير قانوني قرار ڏيندي اسپورٽس بورڊ کي ان کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ گن ڪلب ايراضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي آغاز تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کان ٻن ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي جنهن تي چيف جسٽس مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اڃان تفصيل ٻڌائي وڃي. چيف جسٽس چيو ته گن اينڊ ڪنٽري ڪلب اسپورٽس بورڊ جي ايراضي تي بڻايو ويو آهي، ان جي ڪا به قانوني منظوري ناهي ۽ ڪا قانوني شئي عمل ۾ ناهي آندي وئي آهي، ڪلب ۾ مارڪي به بڻائي وئي آهي. سپريم ڪورٽ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب کي غير قانوني قرار ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته ڪلب جي زمين اسپورٽس بورڊ ٽيڪ ۽ ڪري ۽ جيڪڏهن مارڪي اسپورٽس بورڊ جي حدن ۾ اچي رهيو آهي ته ان تي به قبضو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے