18 اتوار , نومبر 2018

پاڪستان مقامي وسيلن سان تيار 2 سيٽلائٽون خلا ڏانهن موڪلي ڇڏيون: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته پاڪستان مقامي وسيلن سان تيار ڪيل 2 سيٽلائٽس خلا ڏانهن موڪلي ڇڏيون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب پاڪستان وڏي ڪاميابي سان 2 سيٽلائٽس لانچ ڪيون آهن، ٻنهي سيٽلائٽون مڪمل طور تي پاڪستان ۾ ئي تيار ڪيون ويون آهن. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد  فيصل جو ان حوالي سان چوڻ هو ته سيٽلائٽ جي تياري سان پاڪستان جو ڪمرشل دارومدار انتهائي گهٽ ٿي ويندو ۽ ان سيٽلائٽ جي لانچنگ سان ڊيٽا ڪليڪشن، پلاننگ ۽ ريسورس مينيجمنٽ بهتر ٿيندي. ڊاڪٽر فيصل موجب سيٽلائٽس ۾ جي پي ايس ۽ جي آءِ ايس جون سهولتون آهن ۽ انهن جي ذريعي ٻوڏ ۽ ڏڪار جهڙن چيلنجن کي منهن ڏيڻ، مينهن جي پاڻي جي مقدار کي جانچڻ، اسٽوريج پلاننگ ۽ پاڪستان ۾ جهنگ جي صورتحال ۽ پلاننگ ۾ مدد ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم قوم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جا 100 ڏينهن پورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے