15 جمعرات , نومبر 2018

تاج محل جي مسجد ۾ ڌارين جي نماز پڙهڻ تي پابندي

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ تاج محل ڀرسان مسجد ۾ ڌارين کي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ پنهنجي مختصر فيصلي ۾ تاج محل ڀرسان جامع مسجد ۾ ڌارين ماڻهن جي نماز جي ادائيگي تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته تاج محل دنيا جي 7 عجوبن مان هڪ آهي ۽ قومي ورثو آهي جنهن جي حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي ان ڪري تاج محل ڀرسان مسجد ۾ سياحن ۽ غير مقامين جي نماز جي ادائيگي سان سيڪيورٽي خدشن ۾ واڌ ٿي ويندي آهي ۽ جمعي جي نماز وقت وڌيڪ رش جي ڪري خوبصور تاج محل کي نقصان پهچڻ جو به خطرو رهندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے