18 اتوار , نومبر 2018

شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي مدي ۾ ٻيهر واڌ جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي مدي ۾ چوٿون ڀيرو واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد بشير سپريم ڪورٽ کي خط لکي شريف خاندان خلاف ريفرنسز جي مدي ۾ واڌ جي درخواست ڪئي. ذريعن موجب احتساب عدالت جي جج خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي پر عزيزيا، فليگ شپ ۽ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهن. جج محمد بشير سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته ٽرائل جي مدي جو گهڻو وقت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ لڳي ويو، جنهن سبب باقي ڪيسن تي ٻڌڻي مڪمل نه ٿي سگهي، رهيل ٽن ڪيسن کي اڪلائڻ لاءِ مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي. واضح رهي ته شريف خاندان نيب ريفرنسز ٽرائل جي شروعات 14 سيپٽمبر 2017ع کان ٿي هئي، ان کان اڳ به 3 ڀيرا احتساب عدالت جي درخواست تي سپريم ڪورٽ شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسز جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائين ۾ واڌ ڪري چڪي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے