17 ہفتہ , نومبر 2018

ايم ايم اي ۾ شامل ساجد مير جو ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) متحده مجلس عمل جي نائب صدر ۽ جميعت اهل حديث جي سربراهه ساجد مير پاڪستان مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. علامه ساجد مير اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق سان ملاقات ڪئي جنهن بعد هن مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ساجد مير جو چوڻ هو ته سندس پارٽي جمعيت اهل حديث جي حامي ن ليگ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڇو ته پنجاب ۾ ايم ايم اي جو ڪو به اميدوار کٽڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. ساجد مير چيو ته هو ن ليگ جو ووٽ بينڪ ورهائڻ واري راند جو حصو نه بڻجندو. ٻئي پاسي متحده مجلس عمل جي مرڪزي ترجمان شاهه اويس نوراني ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته ساجد مير اهڙي ڳالهه به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي ۽ هن سيٽ ايڊجسٽمنٽ جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته ساجد مير متحده مجلس عمل جي پاليسي سان ڪو به اختلاف ناهي ڪيو هو اتحاد جو حصو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اويس نوران چيو ته ڪجهه پارٽين کي رجسٽرڊ ڪرائي مقابلي ۾ بيهاريو ويو جنهن جو مقصد رڳو ووٽ بينڪ کي متاثر ڪرڻ آهي جڏهن ته سندس ان بيان سان ايم ايم ا جي ووٽ بينڪ کي ڪو به نقصان نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے