لاهور (ويب ڊيسڪ) حج پانڌيئڙن کي کڻي ويندڙ اڏامون 14 جولاءِ کان روانيون ٿي رهيون آهن ۽ حج تي وڃڻ سبب هزارين پاڪستاني 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال نه ڪري سگهندا. حج ۽ مذهبي معاملن بابت وزارت سرڪاري حج اسڪيم تحت پانڌيئڙن لاءِ اڏامن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اڏامون 14 جولاءِ کان روانيون ٿينديون. پانڌيئڙا پنهنجو شيڊيول ايس ايم ايس ۽ ويب سائيٽ تي ڏسي سگهندا. وزارت طرفان حج اڏامن جو شيڊيول اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن پاڪستان ۾ عام چونڊن جون تياريون ڪيون پيون وڃن. حج تي وڃڻ سبب هزارين پاڪستاني 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهندا. هلندڙ سال مجموعي طور هڪ لک 79 هزار پانڌيئڙا حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب وڃي رهيا آهن. 27
Tags awami awaz Election Hajj Flight schedule
هي به ڏسي سگهو ٿا
سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …