14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: شهدادڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو،عوام هٿان  زرداري  کي آنا ۽ ٽماٽا لڳندا: عمران خان

Shahdadkot three in the rally, people come by and tomato approached Zardari: Imran Khanپاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته  سنڌ جي ماڻهن کي زرداري کي شڪست ڏيڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.

شهداد ڪوٽ ۾   عام جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته سنڌ ۾ عوام هٿان   آصف زرداري  کي  آنا ۽ ٽماٽا لڳندا.

هن چيو ته  25 جولاءِ تي سنڌ  جي عوام کي موقعو ملي رهيو آهي ۽ هو شهدادڪوٽ جي عوام کي چئي ٿو الله ڪڏهن ڪڏهن موقعو ڏيندو آهي .

سندس چوڻ هو ته پوليس ذريعي هارين جو پاڻي روڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ غريب ماڻهو نظر آيا آهن .

عمران خان چيو ته سنڌ جون حالتون بلوچستان کان به خراب آهن، سنڌ ۾ هزارين ماڻهو هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا آهن .

هن چيو ته  ملڪ کي ڦرڻ لاءِ ن ليگ ۽ پ پ جي ڳٺ جوڙ هئي ، اليڪشن 2013 فڪس هئي  ۽ امپائر انهن جا پنهنجا هئا.

هن چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف  وارا وٺڻ لاءِ پنهنجا ٻار تيار ڪري رهيا آهن ، هڪ طرف مريم نواز ۽ ٻئي طرف بلاول آهي .

هن چيو ته  آصف زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي ، زرداري ۽ نواز شريف گڏجي پنهنجي چوري بچائيندا، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو پي ٽي آءِ جي اميدوار کي ووٽ ڏين .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:غوثپور: ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

*غوثپور شهر ۾ ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے