14 جمعہ , دسمبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز کي لاهور کان سڌو اڊيالا جيل اماڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي لاهور کان سڌو اڊيالا جيل منتقل ڪرڻجو فيصلو سامهون اچي ويو آهي. خانگي ٽي وي چينل جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي لاهور کان هيلي ڪاپٽر جي ذريعي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو. ان حوالي سان ڊي جي نيب لاهور ريٽائرڊ ميجر شهزاد سليم چيئرمين نيب جسٽس (ر) جاويد اقبال کي خط لکيو آهي. ذريعن موجب ڊي جي نيب لاهور چيئرمين نيب کان هيلي ڪاپٽر گهري ورتو آهي. ڊي جي نيب لاهور خط ۾ درخواست ڪئي آهي ته احتساب عدالت جي جج کي به انتظامي طور تي جيل گهرايو وڃي، نواز شريف ۽ مريم نواز جي آمد تي لاهور ۾ ريلي ڪڍي ويندي، ريلي جي ڪري نواز شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري ۾ رنڊڪون وڌيون وينديون ۽ ريلي جي ڪري لاهور ۾ نقصان جو خدشو آهي. ذريعن موجب خط ۾ اها تجويز به ڏني وئي آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪيو وڃي ۽ نيب چيئرمين هيلي ڪاپٽر حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهرو زارت ۽ بچاءَ واري وزارت سان رابطو ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …