21 بدھ , نومبر 2018

نواز شريف سان ناانصافي ٿي، کيس عوام جي دلين مان نٿو ڪڍي سگهجي: حمزه شهباز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته نواز شريف سان ناانصافي ٿي آهي، ان جي باوجو کيس قوم جي دل مان نٿو ڪڍي سگهجي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪٿي ڪوڙ ڳالهائڻ جو ورلڊ ڪپ هجي ها ته عمران خان پهرين نمبر تي اچي ها. لاهور ۾ پ پ 147 تان ن ليگي اميدوار ميان مجتبيٰ شجاع الرحمان جي گهر عورت ڪنونشن کي خطاب ۾ حمزه شهباز چيو ته 13 جولاءِ تي نواز شريف جو مثال جوڳو استقبال ڪرڻو آهي. هن چيو ته نواز شريف سان نااصافي ٿي آهي پاڻ نيب جو وڪيل چئي رهيو آهي ته هن خلاف ڪرپشن ثابت ناهي ٿي سگهي. ن ليگي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سندس تڪ ۾ هڪ پوليس آفيسر سر عام بيٽ تي مهرون هڻڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، عمران خان پنج سالن تائين گاريون ڏيڻ کان سواءِ  ٻيو ڪو به ڪم ناهي ڪيو، جيڪڏهن هو ڪم ڪري ها ته کيس ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت نه پوي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏکڻ ڪوريا جي ڪم جونگ ينگ کي ٻن سالن لاءِ انٽرپول جو صدر چونڊيو ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ڪوريا جو ڪم جونگ ينگ کي 2 سالن جي مدت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے