18 اتوار , نومبر 2018

سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ دبنگ اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ نظر ايندا. سلمان خان اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ”ڀارت“ جي تيارين ۾ مصروف آهي، جيڪا وڏي بجيٽ واري فلم آهي، جنهن ۾ بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا پڻ اهم ڪردار نڀائيندي نظر ايندي، جڏهن ته هاڻ ساڳي فلم ۾ بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف جي به انٽري ٿي آهي. رپورٽن موجب فلم ”ڀارت“ ۾ پريانڪا چوپڙا سان گڏوگڏ ڪترينا ڪيف به پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو. اها فلم ڏکڻ ڪوريائي فلم ”اوڊي ٽو ماءِ فادر“ مان متاثر ٿي ٺاهي پئي وڃي. فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي شخص جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪو ڪوريا ۾ جنگ دوران پنهنجي خاندان کان ڌار ٿي ويندو آهي ۽ اڳتي هلي هو پنهنجي گهرڀاتين سان ملندو آهي. واضح رهي ته فلم ”ڀارت“ ايندڙ سال رليز ڪئي ويندي. سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف ان کان اڳ پڻ مختلف فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان جي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي ڪوريوگرافر انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم” ٽيوب لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے