16 جمعہ , نومبر 2018

عمران خان قاديانين سان ختم نبوت قانون ۾ تبديلي جو واعدو ڪيو هو: مولانا فضل الرحمان

لڪي مروت(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان قاديانين سان سهڪار جي بدلي ختم نبوت قانون ۾ تبديلي جو واعدو ڪيو هو. لڪي مروت ۾ جلسي کي خطاب ڪندي متحده مجلس عمل جي مرڪزي صدر مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان قاديانين جي سربراهه وٽ ويو ۽ ان کان چونڊن ۾ سهڪار گهريو ۽ ان جي بدلي ۾ قاديانين جي خلاف موجود قانون کي تبديل ڪرڻ جو واعدو ڪيو، ختم نبوت جي قانون ۾ ترمي ان جي واعدي جي ڪڙي هئي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حلف نامي ۾ ختم نبوت جي ترميم تي راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ جاچ ڪميشن قائم ٿي، جنهن سڄي تحقيق ڪئي ۽ عدالت جي حڪم تي رپورٽ شايع به ڪري ڇڏي ۽ پوءِ رپورٽ موجب عمران خان ۽ شفقت محمود ئي چور نڪتا، هاڻ بيٽ هٿ کان ٻاهر نڪري چڪي آهي ۽ عمران خان جي پوري به پڪڙي وئي آهي، سوال اِهو آهي ته جيڪو قوتون ڪالهه نواز شريف جي خلاف ڌر هڻي رهيون هيون اُهي اڄ خاموش ڇو آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے