14 بدھ , نومبر 2018

پ پ پ واحد پارٽي آهي جيڪا غربت جو مقابلو ڪندي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين (پ پ پ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو گارين ۽ ذاتيات جي سياست ناهي ڪندو، پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا غربت جو مقابلو ڪندي آهي. شجاع آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي غريبن جي خدمت ڪئي آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بيروزگاري آهي ۽ اسان هميشه نوجوانن جي روزگار جي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه هارين جي خدمت ڪئي، شهيد ڀٽو زمين نه کپائي، اسان سمجهون ٿا ته هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال. بلاول ڀٽو چيو ته هاري ڪارڊ سان بنا وياج جي قرض ملندو، فصل جي انشورنس ٿيندي.  هن چيو ته پيپلز پارٽي جي منشور ۾ بک مٽايو پروگرام آهي، فوڊ ڪارڊ ڏينداسين، کائڻ ۽ پيئڻ جون شيون گهٽ اگهه تي ملنديون، يونين ڪونس جي سطح تي فوڊ اسٽور کولينداسين. هن وڌيڪ چيو ته رڳو پيپلز پارٽي غربت جي خاتمي جي لاءِ انقلابي پروگرام پيش ڪندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے