17 ہفتہ , نومبر 2018

تاج محل جي مسجد ۾ غيرمقامي ماڻهن جي نماز پڙهڻ تي پابندي

نئي دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ تاج محل جي مسجد ۾ غيرمقامي ماڻهن کي نماز ادا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ پنهنجي مختصر فيصلي ۾ تاج محل سان لاڳاپيل مسجد ۾ غيرمقامي ماڻهن جي  نماز ادا  ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رڳو آگرا جي رهواسين کي سڃاڻپ بعد مسجد ۾ جمعي نماز جي ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڀارتي سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته تاج محل دنيا جي ستن عجوبن مان هڪ آهي ۽ اهو هڪ قومي ورثو آهي جنهن جي حفاظت اسان سڀني تي فرض آهي انڪري تاج محل جي مسجد ۾ سياحن ۽ غيرمقامي ماڻهن جي نماز ادا ڪرڻ  سان سيڪيورٽي خدشن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ۽ جمعي نماز دوران وڌيڪ پيهه سبب خوبصورت تاج محل کي نقصان  پهچڻ جو به امڪان آهي.0430

حج اڏامن جي شروعات 14 جولاءِ تي ٿيندي

اسلام آباد(اي پي پي)  مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم جي حج شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن مطابق اسلام آباد ۽ ڪراچي مان پهريون حج اڏامون 14 جولاءِ تي ڀلي پار روانيون ٿينديون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق حج پانڌيئڙا پنهنجو شيڊول ايس ايم ايس ۽ ويب سائيٽ تي ڏسي سگهندا، ان کان علاوه مذهبي معاملن واري وزارت ٽپال ذريعي به حاجين کي انهن جي اڏامن جي شيڊول بابت آگاهه ڪندي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے