17 ہفتہ , نومبر 2018

عمران، شهباز، بلاول، آصف زرداري، اسفنديار ولي تي چونڊ مهم دوران حملن جو خطرو

اسلام آباد( م ڊ) وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي اهم سياستدانن تي چونڊ مهم دوران حملن جو خطرو آهي. گهرو معاملن بابت سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه سينيٽر رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ گهرو وزارت ٻڌايو ته چونڊ مهم دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، ن ليگ سربراهه شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، اي اين پي سربراهه اسفنديار ولي ۽ ٻين سياستدانن تي حملن جو خطرو آهي. جن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. ۽ ان ۾ اڃا به اضافو ڪرڻ ۽ انهن سياستدانن کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي. آءِ جي سنڌ لياري ۾ بلاول جي قافلي تي پٿراءُ بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن تي بد اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو. رحمان ملڪ چيو ته سياستدانن جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو وڃي. هن چيو ته بليڪ لسٽ تي قانونسازي ضروري آهي، جوابدار ۽ ڏوهاري لاءِ اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو طريقو هڪ جهڙو نه هجڻ گهرجي. ڪميٽي ۾ چولستان ۾ ٽن ٻارڙين جي فوت ٿيڻ بابت بريفنگ تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. 11

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے