13 منگل , نومبر 2018

ڪلاسيڪل راڳي استاد سلامت علي خان کي مداحن کان وڇڙئي 17 ورهيه وهامي ويا

The astrological teacher salamat Ali Khan to fans after 17 yearsاسلام آباد(شوبز نيوز) موسيقي جي حوالي سان پاڪستان جي مشهور گهراڻي شام چوراسي جي ڪلاسيڪل راڳي استاد سلامت علي خان جي اڄ 17 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. شام چوراسي گهراڻي سان تعلق رکندڙ مشهور موسيقار ۽ راڳي استاد سلامت علي خان 12 ڊسمبر 1934 تي شام چوراسي هوشيارپور ضلعي ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي وڏي ڀاءُ استاد نذاڪت علي خان سان گڏجي پنهنجي والد استاد ولايت علي خان کان موسيقي جي سکيا حاصل ڪئي. استاد سلامت علي خان پنهنجي وڏي ڀاءُ استاد نذاڪت علي خان سان گڏ پنهنجي پهرين ئي ڪلاسيڪل ڪارڪردگي سان مداحن جون دليون کٽي ورتيو. هن پنهنجي پٽ استاد شرافت علي خان تي تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٻئي پٽ شفقت علي خان جي صورت ۾ ناليواري راڳي تخليق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. استاد سلامت علي خان کي صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو، ڪالاسيڪي موسيقي جو هي وڏو نالو 10 جولائي 2001 لاڏاڻو ڪري ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے