17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: لعلورائنڪ: وڏيرن جي غلامي مان آزاد ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي: علي حسن مغيري

Laluraink: Time to be free from feudal: Ali Hassan Mugheri

*سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 17 جي آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ علي حسن مغيري چيو آهي ته سندس هٿ ۾ قلم آهي ۽ سندس طاقت به قلم آهي.

لعلو رائنڪ ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي پي ايس 17 جي آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ علي حسن مغيري چيو ته جيڪڏهن کيس ووٽ ڏئي ايوان ۾ پهچايو ويو ته هو عوام جي ڀلي لاءِ جاکوڙ ڪندو .

ريلي کي خطاب ڪندي ايڊوڪيٽ علي حسن مغيري چيو ته سندس  هٿ ۾ قلم جي طاقت آهي جنهن سان هن وڏيرن، سردارن ، پيرن، ميرن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف لکي انهن کي وائکو ڪيو آهي .

 هن چيو ته جيڪڏهن کيس ووٽ ڏئي ايوان ۾ پهچايو ويو ته هو  ڪرپٽ ماڻهن کان غريبن جي حقن تي هنيل ڌاڙن جو حساب وٺندو

هن عوام کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي ته خدارا پنهنجي ٻچڙن جي مستقبل جو سوچي ووٽ ضمير کي ڏيو ، وڏيرا، ڀوتار، سردار، توهان جا دشمن آهن جيڪي توهان کي غلام بڻائي ويٺا آهن.

 هن چيو ته  هي وقت وڏيرن جي غلامي مان آزاد ٿيڻ جو ۽ انهن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو آهي .

ان کان اڳ علي حسن مغيري جو لالو رائنڪ پهچڻ تي شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو ۽ مٿس گلن جي ورکا پڻ ڪئي وئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے