17 ہفتہ , نومبر 2018

ترڪ صدر رجب طيب اردگان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو

Turkish President Rajab tayyab erdogan took oath of his grandfatherاستنبول(ويب ڊيسڪ) رجب طيب اردگان ٽيون ڀيرو صدارت لاءِ عهدي جو حلف کڻي ورتو، ان سان گڏ ئي ترڪي ۾ وزيراعظم جو  عهدو ختم ڪري صدارتي نظام لاڳو ڪيو ويو ، جنهن کي مخالف ڌر طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ياد رهي ته 24 جون تي ترڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ئي وقت ٿيندڙ صدارتي  ۽ پارلياماني چونڊن ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ سندس پارٽي جسٽس اينڊ ڊيولپمنٽ پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. صدارت جي عهدي جو حلف کڻندي ئي نئين نظام تحت پهرين ڪابينا جو اعلان ڪندي پنهنجي ناٺي بيرات البيراڪ کي ناڻي ۽ مالي معاملن جو وزير مقرر ڪري ڇڏيو. 40 ورهين جي نئين ناڻي وارو وزير اردگان جي سڀ کان وڏي نياڻي جي مڙس آهي هو ان کان اڳ توانائي واري کاتي جو وزير پڻ رهي چڪو آهي. ان خبر بعد تي ترڪ ڪرنسي ليرا جي قدر ۾ 4ڏهائي 2 سيڪڙو گهٽتائي آئي. صدر طيب اردگان ويجهي ساٿي ۽ ايمرجنسي ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه فواد اوڪتائي کي نائب صدر مقرر ڪيوويو آهي جڏهن ته آرمي چيف جنرل حلوصي آقار ۽ بچاءُ واري طور مقرر ڪيو ويو آهي. مولود چاوش اوگلونئي ڪابينا ۾ بدستور پرڏيهي وزير آهي جڏهن ته عبدالحميد گل کي انصاف جو وزير، سليمان سوئيلو کي گهرو وزير ۽ ضياءَ سلچوق کي تعليم جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.  هوڏانهن پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. شهباز شريف چيوته کيس صدر اردگان حلف برداري تقريب شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي، پر اليڪشن مهم ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي لنڊن کان وطن واپسي سبب نه وڃي سگهيس. پنهنجي پيغام ۾ شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهندا ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …