15 جمعرات , نومبر 2018

پي سي بيءَ  احمد شهزاد جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

PCB Ahmed Shehzad's test test was positiveڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) ٽيسٽ اوپنر احمد شهزاد جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. پي سي بي جو چوڻ آهي ته احمد شهزاد جي ڊوپ ٽيسٽ جي حوالي سان انڊيپنڊنٽ ريويو بورڊ جي رپورٽ ملي چڪي آهي. جنهن ۾ ممنوع مواد جو استعمال ثابت ٿيو آهي. پي سي بيءَ جو وڌيڪ چوڻ هو  ته احمد شهزاد کي اڄ باضابطه طور ي چارج شيٽ جاري ڪئي ويندي. ياد رهي ته احمد شهزاد جو ڊوپ ٽيسٽ هلندڙ سال مئي ۾ فيصل آباد ۾ ٿيندڙ پاڪستان ون ڊي ڪپ ٽورنامنٽ دوران ورتو ويو هو، جنهن ۾ هو بلوچستان ٽيم جو ڪپتان هو. ڊوپ ٽيسٽ جو نتيجو 26 ورهين  جي اوپنر لاءِ مشڪلاتون جو سبب بڻيو ۽ احمد شهزاد کان ان حوالي سان وضاحت طلب ڪئي وئي. جنهن بعد پي سي بي احمد شهزاد جي ڊوپ ٽيسٽ جي آزاداڻي تجزيي پڻ ڪرايو ويو ۽ پاڪستان جي قومي ڊوپنگ اداري معاملي تي ڀارتي ڊوپنگ ليب کان مدد حاصل ڪئي. امڪان آهي ته چارج شيٽ جاري ٿيندي ئي احمد شهزاد جي عبوري معطلي شروع ٿي ويندي.احمد شهزاد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪندي 13 ٽيسٽ، 83 ون ڊي ۽ 57 ٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪو آهي. هو پاڪستان جي طرفان ٽنهي فارميٽن ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ اڪيلو بيٽسمين آهي.  واضح رهي ته احمد شهزاد پاڪستان پهريون رانديگر ناهي جنهن جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت آيو آهي، ان کان اڳ شعيب اختر، محمد آصف، عبدالرحمٰن، رضا حسن، ۽ ڪيترائي ڪرڪيٽر ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد پابندي  کي منهن ڏئي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے