15 جمعرات , نومبر 2018

جعلي ڊگري تي ڀارتي وويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڊي ايس پي مان ڪانسٽيبل بڻجي وئي

At the fake level, the captain of the Indian Vienna Cricket Team, Cotton DSP, became a conjunctiveنئي دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي وويمنز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هرمن پريت جي تعليمي ڊگري جعلي نڪتي، جنهن بعد کيس پوليس جي اعليٰ عهدي تان هٽايو ويو. ڀارتي رياست ميرٽ ۾ قائم چوڌري چرن سنگهه يونيورسٽي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي ريڪارڊ ۾ هرمن پريت جو ڪو به ريڪارڊ ناهي مليو. ڀارتي اخبار هندوستان ٽائمز جي رپورٽن موجب هرمن پريت وويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سان گڏ هلندڙ سال مارچ تي اسپورٽ ڪوٽي جي تحت ڀارتي پنجاب پوليس جي ڊي ايس پي قرار ڏنو ويو هو. پر جعلي ڊگري جو انڪشاف ان وقت ٿيو جڏهن پنجاب پوليس جي هڪ آفيسر ان جي دستاويزن جي تصديق ڪرائڻ لاءِ يونيورسٽي سان رابطو ڪيو. جنهن تي تحقيق ۾ سندس انرولمنٽ جي حوالي ڪا به ڄاڻ ناهي ملي سگهي. جنهن بعد پوليس هرمن پريت جي ڊي ايس پي جي عهدي تان هٽائيندي ڪانسٽيبل طور پنهنجون خدمتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے