16 جمعہ , نومبر 2018

ڪنهن جيپ گروپ جو حصو ناهيان: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته مان نه ڪنهن جيپ گروپ جو حصو آهيان نه وري ڪنهن کي سڃاڻان ٿو. ٽيڪسلا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته مان جيپ جو نشان وٺڻ جو فيصلو پاڻ ڪيو، اهو نشان وٺڻ تي افواهه پکيڙيا ويا، 3 آپشن هئا، اسان جيپ وٺي ڇڏي ۽ جن ماڻهن جيپ ورتي، انهن سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ چئن اميدوارن ن ليگ جون ٽڪيٽون واپس ڪيون ۽ جيپ وٺي ڇڏي، انهن سان ڪو واسطو ناهي، مڪمل طور پنهنجي نشان تي فوڪس آهيان، منهنجو ڪنهن سان ڪو رابطو ناهي، گروپ ٺاهڻو هجي ها ته هڪ سال اڳ ئي ٺاهي ڇڏيان ها پر نه مان ڪنهن جيپ گروپ جو حصو آهيان، نه وري ڪنهن کي سڃاڻان ٿو. سندس چوڻ هو ته مان نواز شريف ۽ عمران خان سميت ڪنهن کي به ڪرپشن يا ايمانداري جو سرٽيفڪيٽ نٿو ڏئي سگهان. آصف زرداري بابت سوال تي هن چيو ته ڪو به اهڙو قدم نه کڻڻ گهرجي جنهن سان چونڊون تڪراري ٿين، چونڊن کان اڳ گرفتاري نه ٿيڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے