18 اتوار , نومبر 2018

شروعاتي ڪائنات جو روشن ترين 13 ارب سال پراڻو ڪوزار هٿ

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) فلڪياتدانن ٻڌايو آهي ته هنن قديم يا ابتدائي ڪائنات جي روشن ترين جسم کي ڏٺو اهي جيڪو 13 ارب نوي سال جي فاصلي تي موجود آهي، هو هڪ ڪوزار آهي جيڪو هڪ قديم ڪهڪشان جي مرڪز ۾ وڏي بليڪ هول تي ٻڌل هو. تيره ارب نوي سال پراڻي ان منظر جي باري ۾ اهو ئي چيو ويندو آهي ته اهو تماشو هاڻ ختم ٿي چڪو هوندو ڇو ته اسان ڪائنات جي 13 ارب سال پراڻي تصوير ڏسي رهيا آهيون. فلڪيات جي ماهرن موجب ان روشن تصوير جو سبب اهو آهي ته ڪوزار جي وچ ۾ موجود بليڪ هول وڏي تيزي سان مادو ڳڙڪائي رهيو هو جنهن مان زبردست توانائي خارج ٿي رهي هئي جنهن جو مشاهدو روشني ۽ ريڊيو لهرن جي شڪل ۾ ڪيو ويو.  مادي ۽ ڀرسان هڪ عظيم ذخيري بليڪ هول جي اندر ڪندي اهڙي تيزي سان گهمي رهيو هو جيئن هڪ کڏ ۾ پاڻي ڪرندي ڪُنَ جيان چڪر هڻندو آهي. ان مان بليڪ هول جي مرڪز ۾ طاقتور ثقلي لهرون پيدا ٿي رهيون هيون. مادو ڳڙڪائڻ دوران هول مان پلازما جو وڏو مقدار خارج ٿي رهيو هو جيڪو گهڻو روشن نظر اچي رهيو آهي. ان ڪوزار جو نالو پي 352-15 رکيو ويو آهي جيڪو اُن وقت بڻيو هو جڏهن ڪائنات نئين ٺهي هئي. ان کي ڪارنيگي انسٽيٽيوشن فار سائنس جي پروفيسر ايوڊوارڊو باناڊوس ۽ سندس ساٿين نيو ميڪسيڪو ۾ موجود 27 طاقتور ريڊيو دوربينن جي مجموعي (ويري لارج ايري) (وي ايل اي) جي مدد سان هٿ ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے