18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ٺٽو: بجلي ڪمپنينن مان برطرف ڪرڻ خلاف مقامي ملازمن جو احتجاج

Thatta: The protest of local employees against the removal of power companies* ٺٽي ڀرسان بجلي ڪمپنينن مان برطرف ڪرڻ خلاف مقامي ملازمن پارن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جهمپير ڀرسان هوا مان بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي مک دروازن آڏو هڪ سئو 32 ملازمن جي برطرفي خلاف مزدور اڳواڻن طيب چانگ، نم جاکرو ۽ مراد علي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

برطرف ملازمن جو چوڻ هو ته کين زبردستي برطرف ڪري ٻڄن جو روزگار کسيو ويو آهي، سندن جاءِ تي ٻاهرين ماڻهن کي گهرائي ڀرتي ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ته هو ڪمپني ۾ ملازمت ڪري ٻن ويلن جي ماني لاءِ محنت ڪندا هئا، پر بنا جواز هٽائي سندن روزگار کسي ناحق ڪيو ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته ٻن ڪمپنين مان هڪ سئو 32 مقامي ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

ملازمن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين نوڪرين تي بحال ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا.

هوڏانهن ڪوهستان بچايو ڪميٽي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي آهي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے