16 اتوار , دسمبر 2018

نيوز: ٺٽو: پاڻي ڪميشن سربراهه پاران واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو دورو، ايڊمنسٽريٽر معطل

Thatta: Suspend the Administrator's visit to the Water Supply Scheme by the Water Commission head* پاڻي ڪميشن سربراهه ٺٽي ۽ ڀرپاسي وارين واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو دوري ڪري مختلف ڪيسن ۾ ملوث ميونسپل ڪميٽي ايڊمنسٽريٽر کي معطل ڪري ڇڏيو.

پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس امير هاني مسلم ٺٽي، مڪلي ۽ ميرپور ساڪري جي واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو جائزو ورتو.

جسٽس امير هاني مسلم پاڻي فراهمي نه ٿيڻ، ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ۽ فوتي ملازم جي ڪيس ۾ ڄاڻايل ايڊمسنسٽريٽر نظير خليفو کي معطل ڪري عهدو اي ڊي سي ون حوالي ڪرڻ جو هدايتون جاري ڪيون.

دوري دوران پاڻي کوٽ جي شڪايتن تي پاڻي ڪميشن سربراهه ٽائون ڪميٽي مڪلي جي آفيسر کان سخت پڇاڻو ڪري ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

 جڏهن ته جسٽس امير هاني مسلم ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ايڊمنسٽريٽر نظير خليفي پاران ملازمن کي پگھارون نه ڏيڻ ۽ ملازمن جي پگھارن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ، شهر ۾ پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس امير هاني مسلم چيو ته جيڪو شخص ايف آءِ آر ۾ جوابدار هجي ۽ مٿس ڪيترائي خدشا هجن ته اهو شهرين جي ڪهڙي خدمت ڪندو.

هن چيو ته ايڊمنسٽريٽر کي هٽائي سندس عهدو اي ڊي سي ون حوالي ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے