17 ہفتہ , نومبر 2018

خالد مقبول، نسرين جليل ۽ ٻين جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عدالت ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، نسرين جليل، ڪمال پاشا، ڪنور نويد ۽ فيصل صديقي اشتهاري قرار ڏيندي جوابدارن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، نسرين جليل، ڪمال پاشا، ڪنور نويد ۽ فيصل صديقي کي اشتهاري قرار ڏنو هو، سولجر بازار ٿاڻي جي پوليس طرفان ايم ڪيو ايم جي سربراهه خالد مقبول صديقي سميت ٻين اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن سولجر بازار پوليس جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا، لاڳاپيل ٿاڻن ۾ اشتهار لڳايا ويا، اشتهار شايع ڪيا ويا، جوابدار روپوش ٿي ويا آهن جوابدارن جي ملڪيت جي ريڪارڊ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي خط لکيا آهن، حيدر عباس رضوي پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري ممڪن ناهي، اشتهاري قرار ڏنو وڃي. عدالت ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، نسرين جليل، ڪمال پاشا، ڪنور نويد ۽ فيصل صديقي کي اشتهاري قرار ڏيندي جوابدارن جي ملڪيت ضبط  ڪرڻ جو حڪم ڏنو جوابدارن جي خلاف سولجر بازار ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي ڪيس ۾ وسيم اختر ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار ضمانت تي آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Model Town case: SC to hear petition for formation of new JIT

ماڊل ٽائون سانحو: جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ …