21 بدھ , نومبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز کي جهاز ۾ ئي گرفتار ڪيو ويندو: بئريسٽر علي ظفر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري نگران وزير بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته لاهور ايئرپورٽ ٻاهران ڪنهن کي به امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هوائي اڏي جي حدن ۾ سيڪيورٽي جا سمورا انتظام ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته لنڊن کان پاڪستان ايندڙ اڏام، جنهن ۾ نواز شريف سفر ڪندو، لاهور ئي لهندي، عدالتي حڪم تي عمل ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته قانون هر شخص تي لاڳو آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز تي گرفتاري لاءِ قانون موجب عمل ٿيندو. بئريسٽر علي ظفر چيو ته پنجاب حڪومت امن امان بابت سمورا قدم کڻي رهي آهي، اها حڪومت جي ذميواري آهي، اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس ڌيءُ کي قانون موجب ايئرپورٽ تي جهاز ۾ ئي گرفتار ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان ڪشميري اڳواڻ حفيظ الله مير جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے