21 بدھ , نومبر 2018

ن ليگ تنقيد ڪندي رهندي آهي، آءِ ايس پي آر کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ضرورت نه هئي: شيخ رشيد

لاهور (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ن ليگ فوج تي تنقيد ڪندي رهندي آهي، آءِ ايس پي آر کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، ن ليگ هارائي رهي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته شريف خاندان جي تباهي جي ذميوار مريم نواز آهي، نواز شريف کي هر صورت ۾ ڏيهه موٽڻو آهي پر اهي تاثر نه ڏئي رهيا آهن، خبر پئجي ويندي ته جمعي واري ڏينهن ڪيترا ماڻهو انهن لاءِ ٻاهر ٿا نڪرن. هن چيو ته نواز شريف نيت سان نه پر مجبوري ۾ اچي رهيو آهي، هو حسن، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي گڏ وٺي اچي ته مڃانس. سندس چوڻ هو ته سزا آئين ۽ قانون موجب ملڻ گهرجي، فيصلي تي ڪنهن کي به افسوس ناهي ٿيو، ڇو ته انهن جا ڪرتوت ئي اهڙا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے