22 جمعرات , نومبر 2018

اي اين پي اميدوار هارون بلور جي شهادت بعد پي ڪي 78 ۾ چونڊون ملتوي

After the death of AENP candidate Haroon Blur, the postpone elections in PP 78اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  2018 جي عام چونڊن جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻي دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي اميدوار بيئرسٽر هارون بلور جي شهادت بعد ڪي پي ڪي جي تڪ پي ڪي 78 ۾ چونڊون ملتوي ڪيون ويون. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب خيبر پختونواخواهه جي تڪ پي ڪي 78 جي چونڊ، اميدوار جي شهادت سبب ملتوي ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڪي 78 جي چونڊ شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولائي تي ٿي رهيون آهن، جنهن لاءِ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. پي ڪي 78 تان عوامي نيشنل پارٽي جو اميداوار هارون بلور به گذريل ڏينهن پنهنجي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پشاور ۾ هڪ ڪارنر گڏجاڻي دوران اسٽيج ڏانهن وڃي رهيو هو ته آپگهاتي بمبار کيس نشانو بڻايوويو، ان واقعي ۾ اي اين پي اڳواڻ سميت 20 ڄڻا شهيد جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. گذريل ڏنهن چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار محمد رضا هاورن بلور تي حملي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو سيڪيورٽي ادارن جي ڪمزوري ۽ شفاف اليڪشن خلاف سازش آهي. ياد رهي ته هارون بلور جي والد بشير بلور به 22 ڊسمبر 2012 تي آپگهاتي حملي دوران شهيد ٿي ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …