20 منگل , نومبر 2018

نيوز: دولتپورصفن: نينگر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

Dolatpur Safan: Protest by heirs of murdered child for not arresting suspects*دولتپورصفن ۾ نينگر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ لائق ڏاهري جي رهواسي معصوم امير علي ابڙو جا قاتل 46 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نـ ٿيا.

مقتول نينگر جي وارثن ۽ سماجي ڌرين پاران ولي محمد جوکيو، روشن سومرو، نياز انڙ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي احتجاج ڪندڙن چيو ته 46 ڏينهن گذرڻ باوجود نينگر جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن .

هنن چيو ته مقتول نينگر جي وارثن پاران جن ماڻهن تي شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي پوليس انهن خلاف به ڪو تحرڪ نه ورتو آهي .

هنن چيو ته دولتپور صفن پوليس نينگر جو خون لوڙِهڻ چاهي ٿي پر اهڙي سازش کي هو ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا .

 هنن مطالبو ڪيو ترت نينگر جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے