19 پیر , نومبر 2018

تاڙيون وڄائڻ وارو ۽ ڀليڪار ڪرڻ وارو  روبوٽ تيار

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) بگ ڪليپر نالي هي روبوٽ هن وقت انٽر نيٽ تي فنڊنگ جي مرحلي مان گذري رهيو آهي ته پر هي سادو روبوٽ ڏکئي وقت ۾ توهان لاءِ تاڙيون وڄائي توهان جو حوصلو وڌائي سگهي ٿو. ٻئي طرف ان جي ٽماٽر جهڙي شڪل به ماڻهن کي پسند آهي. تاڙيون وڄائڻ واري هن روبوٽ کي شاپنگ مال، اسٽور ۽ مصروف جائن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ان ۾ موشن سينسر لڳل آهن. ۽ جئين ڪو به هن جي ويجهو گذرندو ته هي تاڙيون وڄائي ان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڪري وٺندو. ۽ هن جي خوش آمديد ڪرڻ جو انداز به  نرالو آهي ته جڏهن هن کي هڪ نمائش ۾ پيش ڪيو ته ماڻهن هن کي گهڻو ساراهيو. هن کي هلائڻ جا گهڻا موڊ آهن ۽ حرڪت محسوس ڪرڻ وارو نظام ماڻهن جي طبيعت محسوس ڪري تاڙي وڄائيندو.هن کان سواءِ هي ميوزڪ جي لحاظ کان هي روبوٽ پنهنجو فن ڏيکاريندو هڪ ئي ايپ جي ذريعي هن جي پروگرامنگ ڪري هن کي تبديل به ڪري سگهجي ٿو ان جون اکيون ڪجهه اهڙي طرح تيار ڪيو ويون آهن جئين هي هر وقت اسان کي ئي ڏسي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پراڻي ڪپڙن سان تعميراتي مٽيريل جي تياري ۾ ڪاميابي

سڊني(ويب ڊيس) آسٽريلي ماهرن پاڻ پراڻن ڪپڙن مان گهر ن جي تعميرکي به ممڪن بڻائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے