15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: غوثپور: سليم جان مزاري کان ووٽرن جو سخت پڇاڻو، ووٽ ڏيڻ کان کتو جواب

Ghouspur: Voters strictly denied to vote any candidate participating in election*غوثپور  ۾ سليم جان مزاري کان ووٽرن جو سخت پڇاڻو،هيترو وقت توهان ڪٿي هئا ، مصيبت وقت سار نه لڌي هاڻي ڇالاءِ آيا آهيو .

سليم جان مزاري پنھنجي اتحادين سان گڏجي پنهنجي  ڀائٽي احسان مزاري جي حمايت لا۽ جيئن ئي ھندو برادري وٽ آيو ته شھرين ۽ پئنچايت جي مکي ڊاڪٽر سريش لال کائنس سخت پڇاڻو ڪيو.

ووٽرن کانئس پڇيو ته 5 سالن بعد ھندو برادري وٽ ڪھي آيا آھيو؟  ايترو وقت ڪٿي ھئا- جڏھن امن امان جي حالت خراب ھئي، شھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري تباھي آندي ويئي ته اوھان اسانجي سار نه لڌي ؟ ھڪ به ترقياتي ڪم نه ڪرايو  اٿو؟ هو ووٽ ڇو ڏين.

ان موقعي تي سليم جان مزاري  ڪوتاھين تي معذرت ڪئي ۽ آئنده ڪم ڪرڻ جو واعدو ڪري جان ڇڏائي

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے