19 پیر , نومبر 2018

حنيف عباسي خلاف ايفي ڊرين ڪيس جو فيصلو  21 جولائي تي ٻڌائڻ جو حڪم

Aafir Farooq's decision to hear the case on 21 July against Hanif Abbasiراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ منشيات ٽوڙ عدالت کي حنيف عباسي خلاف ايفي ڊرين ڪيس جو فيصلو 21 جولائي تي ٻڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي خلاف شاهد اورڪزئي لاهور هاءِ ڪورٽ جي روالپنڊي بينچ ۾ درخواست داخل ڪئي.  منشيات ٽوڙ جي خاص عدالت ۾ گذريل ٻڌڻي تي حنيف عباسي پيش ٿيو هو جتي هن عدالت کان بينڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو هو. ميڊيا جي رپورٽن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ روالپنڊي بينچ جي جسٽس عبدالرحمان لوڌي شاهد اورڪزئي جي درخواست تي فيصلو ڏيندي منشيات ٽوڙ واري خاص عدالت کي حنيف عباسي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 16 جولائي کان روزاني بنيادين تي  ٻڌڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت وڌيڪ حڪم ڏيندي چيو آهي ته حنيف عباسي خلاف ايفي ڊرين ڪيس جو فيصلو 21 جولائي تي ٻڌايو وڃي. ياد رهي ته ملڪ ۾ 25 جولائي تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، مسلم ليگ ن جو اڳواڻ حنيف عباسي اين اي 60 روالپنڊي ٽو تان چونڊ وڙهي رهيو آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ميدان تي لٿل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے