14 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ڪري ورتو

The Supreme Court has decided to make a contempt of court against the Chaudhry courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير طلال چوڌري جي خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ڪري ورتو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته فيصلو مناسب وقت تي ٻڌايو ويندو، فلحال فيصلي جي ڪا به تاريخ ناهيون ڏئي رهيا، فيصلي واري ڏينهن جوابدار جي حاضري يقيني بڻائي وڃي. تفصيل موجب جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ طلال چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، طلال چوڌري جي وڪيل ڪامران مرتضيٰ  سوال اُٿاريندي چيو ته عدالتي ڪاروائي طريقيڪار موجب شروع نه ٿي، چيف جسٽس انفرادي حيثيت ۾ توهين عدالت جو نوٽيس نٿو وٺي سگهي.  جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته رجسٽرار جي نوٽ تي نوٽيس ورتو ويندو آهي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي معاملي عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيندو آهي. ان تي وڪيل چيو ته توهين عدالت جي نوٽيس لاءِ انتظامي نه جوڊيشل آرڊر هجڻ گهرجي، آرٽيڪل 19 اظهار جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿو. جنهن تي جسٽس سردار طارق چيو ته آرٽيڪل 19 جو مطلب اهو ناهي جيڪو دل چوي چئي ڏيو، اظهار جي آزادي ۽ گاريون ڏيڻ فرق آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته طلال چوڌري پنهنجا لفظ عدالت ۾ تسليم ڪيا، طلال چوڌري جي وڪيل چيو ته طاهر القادري ۽ عمران خان عدالت کان معافي ناهي گهري. جنهن تي جسٽس فيصل عرب سوال ڪيو ته ايتري صبر بعد ماڻهو نه سڌرن ته ڇا ڪيون؟ طلال چوڌري چيو ته هن فرد جرم پڙهي ۽ سمجي ورتي، صفائي واري وڪيل چيو ته جوابدار عدالت جو لاڏلو هوندو آحي ڪيس ۾ هر فائدو لاڏلي کي ملڻ گهرجي، معاف ڪرڻ سان عدالت ننڍي نه ٿي ويندي،  هن چيو ته طلال چوڌري توهين عدالت جو سوچي به نٿو سگهي. جنهن تي جسٽس سردار طارق چيو ته سياق و سباق واضح ڪرڻ چوڌري جي ذميواري هئي، وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيمرا جي شاهد کان عدالت ڪو به مواد ناهي گهريو، جسٽس سردار طارق چيو ته سمورو مواد اڳ ئي طلال چوڌري کي فراهم ڪيو ويو هو، صفائي واري وڪيل چيو ته فرد جرم ۾ توهين واري مواد جي نشاندهي ناهي ڪئي وئي. عدالت طلال چوڌري جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، وڪيل ڪامران مرتضيٰ عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته فيصلو چونڊن بعد ٻڌايو وڃي. جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته فيصلو مناسب وقت تي ڪيو ويندو، فلحال فيصلي جي تاريخ ناهيون ڏئي رهيا، عدالت فيصلي واري ڏينهن جوابدار جي حاضري کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ايس ايس پي طاهر داوڙ جو مڙهه پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا پوليس جي اعليٰ آفيسر ايس پي طاهر داوڙ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے