20 منگل , نومبر 2018

نيوز: جهڏو: پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي: پير عمير علي بودلو

Jhudo: I want to serve people by joining PPP: Peer Umair ali Bodlo*پ پ اڳواڻ پير عمير علي بودلي چيو آهي ته پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي .

جهڏي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمير علي بودلي چيو ته هن پيپلز پارٽي ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ شموليت اختيار ڪئي آهي .

 هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قومي ۽ صوبائي تڪ جي اميدوارن ميرمنور ٽالپر ۽ ميرطارق ٽالپر جي هو  مڪمل حمايت ڪري ٿو .

هن چيو ته چونڊن ۾ هو ۽ سندس ساٿي پنهنجي پولنگ اسٽيشنز تي مير منور ٽالپر ۽ طارق ٽالپر کي ڪامياب ڪرائيندا.

 هن چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي ۽ عوام جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪيا ويندا .

ان موقعي تي پير عمير بودلي تي اعتماد جو اظھار ڪندي مختلف برادرين جي عبدالرشيد ڪمبوھ، محمد انور آرائين، زوهيب کوسو، اظھر گندرو، محمد حنيف ڪمبوھ ۽ ٻين پڻ پ پ جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي مداحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے