*ڪڍڻ سب ڊويزن جي واهن ۾ اوچتو پاڻي جي بندش خلاف ايس ٽي پي ۽ آبادگارن پاران احتجاج ڪيو ويو .
آبادگارن علي حيدر پنهور، ممتاز علي ملاح، ولي محمد، غلام مصطفي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .
ان موقعي تي آبادگارن ۽ ڪڙمين ميڊيا کي ٻڌايو ته اوچتو پاڻي بند ٿيڻ سبب سندن فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي .
هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪري ساريالي فصل کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو