21 بدھ , نومبر 2018

پشاور حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم، هارون بلور جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) يڪا توت ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڌماڪي شهيد ٿي ويل اي اين پي اڳواڻ هارون بلور جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي. خيبر پختونخواهه جي آءِ جي يڪا توت ۾ اي اين پي جي ڪارنر گڏجاڻي تي حملي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڊي آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، 7 ڄڻن تي ٻڌل ڪميٽي 5 ڏينهن ۾ سينٽرل پوليس آفيس کي رپورٽ ڏيندي، جڏهن ته اسپيشل ڪامبيٽ يونٽس کي سرچ آپريشنز جي هدايت ڪئي وئي آهي. پشاور جي ايس ايس پي آپريشنز جاويد اقبال جو چوڻ هو ته حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 30 کان 40 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، بلور خاندان کي خاص طور ٻه سيڪيورٽي گارڊ فراهم ڪيا ويا هئا، شهر ۾ سيڪيورٽي پلان وڌيڪ سخت ڪيو ويندو. هوڏانهن هارون بلور جي جنازي نماز ٽي پهري کان پوءِ وزير باغ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ اي اين پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کانسواءِ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے