16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: مسيحي برادري جو نوجوانن کي ڦر واقعي ۾ ملوث ڄاڻائڻ خلاف احتجاج

Hyderabad: Protest youth of the Christian community to engage in falsely involved* حيدرآباد  ۾مسيحي برادري جي ماڻهن پاران سندن نوجوانن کي ڦر جي واقعي ۾ ملوث ڄاڻائڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو .

مسيح برادري جي ماڻهن بي سيڪشن پوليس پاران ڊاڪٽر اظهر شيخ جي اسپتال مان ٿيل ڦر واري واقعي ۾ مسيح برادري جي ماڻهن کي ملوث ڪرڻ خلاف بوٽا امتياز ، صوبا ڀٽي، افضل کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

اڳواڻن چيو ته 9 جون تي ڊاڪٽر اظهر شيخ جي ڪلينڪ تان ٿيل ڦر واري واقعي ۾ جاويد مسيح کي ملوث ڄاڻائي ان جي مائٽن کي گرفتار ڪيو ويو، پر هو پڇا ڳاڇا بعد هو بي قصور ثابت ٿيا.

هنن چيو ته پوليس ڊاڪٽر اظهر شيخ جي ڪلينڪ تان ٿيل ڦر واري واقعي کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس ڄاڻايل واقعي ۾ مسيح برادري جي بيگناهه ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ بعد 30 هزار روپيا رشوت وٺي  آزاد ڪيو.

هنن چيو ته پوليس جي اهڙين ناانصافين خلاف ايس ايس پي حيدرآباد کي به شڪايت ڪئي آهي، پر پوليس پئسن خاطر ٻڌ ڇوِڙ جو سلسلو جاري رکيو آهي.

 هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته لطيف آباد پوليس جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے