16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: نصيرآباد: سياسي سماجي اڳواڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

Naseerabad: Protest against the possession of political social leaders* نصيرآباد ۾سياسي سماجي اڳواڻ  پاران زمين تي قبضو ڪندڙ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ڪامريڊ سينگار نوناري، اسد الله ۽ ايڊووڪيٽ يوسف سميت ٻين تنيا برادري جي ماڻهن جي زمين تي قبضو ڪندڙ پوليس انسپيڪٽر خلاف پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته پوليس انسپيڪٽر منظور احمد چانديو تنيا برادري جي جي سوين ايڪڙ زمينن تي هٿياربندن ذريعي ناجائز قبضو ڪيو آهي.

هنن چيو ته پوليس انسپيڪٽر ڳوٺ مصري خان تنيو جو لڳل بورڊ ھٽرائي مصري خان جويو جو بورڊ هڻائي ڇڏيو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

سندن چوڻ هو ته انسپيڪر منظور چانڊيو ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي پريشان ڪري پيو، ڪيسن ۾عدالت کيس ڪوڙو قرار ڏنو آهي پر ان باوجود هو پنھنجي ھٿياربندن ذريعي فصل پوکرائي ۽ کڻائي رهيو آهي.

هنن چيف جسٽس ۽ نيب کان مطالبو ڪيو ته پوليس انسپيڪٽر منظور احمد چانديو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زمين تي قبضو ختم ڪرائين…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| مٺي: پوليس پاران تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهتل جوڙو بااثرن حوالي ڪرڻ جو انڪشاف

مٺي ۾ وڄوٽو ٿاڻي تي تحفظ لاءُ پهتل شادي شده جوڙي کي پوليس عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے