16 جمعہ , نومبر 2018

ڏوهاري چئي رهيو آهي ته منهنجي واپسيءَ تي جلسا ڪيو: عمران خان

Imran Khan has high seats in Punjab and KP, which can make the government with Imran Khanاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ چئي ٿو منهنجي واپسيءَ تي جلسا ڪيو، اولهه ۾ مني لانڊرنگ ڪندڙ ماڻهن ۾ وڃڻ جي جرئت ئي ناهي ڪندو. اسلام آباد ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪمزور طبقي کي بنيادي حق ناهن ملندا، اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول ئي ناهن ويندا، اها خطرناڪ صورتحال آهي. هن چيو ته 45 سيڪڙو ٻار غذائي کوٽ سبب بيمارين جو شڪار آهن، ظلم آهي ته 45 سيڪڙو ٻارن جي اسٽينڊرڊ گروٿ ئي ناهي. سندس چوڻ هو ته غريبن کي بنيادي حق ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، طاقتور ڪمزور تي ظلم ڪندو آهي ته ڪمزور وٽ انصاف لاءِ وسيلا ئي ناهن، مهذب معاشري ۾ بي روزگارن کي خاص فنڊ ڏنا ويندا آهن. عمران خان چيو ته هڪ ڏوهاري پڪڙيو ويو ۽ اهو چئي رهيو آهي ته منهنجي واپسيءَ تي جلسا ڪيا، اولهه ۾ جيڪڏهن ڪو ڪرپشن ۾ پڪڙجي ته ان جو سماجي بائيڪاٽ ڪيو ويندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے