14 بدھ , نومبر 2018

ايندڙ حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج پرڏيهي قرضن جي ادائيگي هوندو: شمشاد اختر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت نگران وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته پاڪستان جي ذمي اندرين ۽ ٻاهرين قرضن جو ڪاٿو 24.5 ٽريلين رپيا آهي ۽ ايندڙ حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج پرڏيهي قرضن جي ادائيگي هوندو. اسلام آباد ۾ منصوبابندي واري وزارت جي اهتمام هيٺ سرڪاري قرضن جي موضوع تي سيمينار ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته 30 جون تائين پاڪستان جو قرض جي ڊي پي جي 72 سيڪڙو تائين پهچي ويو ۽ مالي سال جي آخر تائين قرض جي ڊي پي جي 74 سيڪڙو تائين پهچي ويندو. قانون موجب قرضن جو ڪاٿو جي ڊي پي جي 60 سيڪڙو تائين هجڻ گهرجي. هن چيو ته مجموعي قرض جو ڪاٿو قانوني حد کان 12، 14 سيڪڙو مٿي هليو ويو آهي، قرض مئي تائين 16.5 ٽريلين رپين تائين پهتو آهي ۽ اندرين قرضن ۽ رهتن جو ڪاٿو 92.2 ارب ڊالر تائين پهتو آهي. ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته قرضن ۾ اضافي جو هڪ سبب غير ذميوار ۽ ڪمزور معاشي رٿابندي به آهي، عالمي سطح تي سود جي شرح وڌڻ سان پاڪستان لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿينديون، ايندڙ حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج ملڪي قرضن جي ادائيگي هوندي، موجودا معاشي صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ ذميوار قيادت جي ضرورت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے